ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ حسن اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر فاروق ميمڻ جي گھر مان 60 لکن جي چوري، گھريلو ملازم ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل، ايس ايس پي ريلوي موجب ريلوي جي رهائشي ڪالوني ۾ رهندڙ حسن اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر فاروق ميمڻ جي گھر مان سندس ئي ملازم پنهنجن ساٿين سان گڏجي 45 لکن جي فيڪو مشين، 60 انچ جي ايل اي ڊي، ليپ ٽاپ، موبائيل فون، 2 استريون، 3 واچون، 2 لک روڪ ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو، سي سي ٽي وي فوٽيجن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته عورتون ۽ مرد سامان ٻورين ۾ وجھي رهيا آهن. ايس ايس پي ريلوي موجب ڊاڪٽر فاروق ميمڻ عيد جي موڪلن تي نوشهروفيروز ويل هو، پويان چوري جي واردات ٿي، ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.