ملير (رپورٽر) پاڪستان اسٽيل مل پل ويجهو ريل جي پٽڙي ڪراس ڪندي گهر لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويل پيءُ ۽ سندس 3 پٽ ريل جي ٽڪر سبب حادثي جو شڪار ٿيا، جنهن نتيجي ۾ 45 ورهين جو عبدالغفور ملاح ۽ 9 ورهين جو تنوير  ملاح ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 ورهين منير ولد عبدالغفور ملاح ۽ 8 ورهين جو نصير ملاح ريل گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، ان حوالي سان ايس ايچ او بن قاسم ٻڌايو ته اسٽيل مل پل ويجهو ڪاٺيون ڪري گهر واپس ايندڙ هڪ ئي خاندان جي 4 ڀاتين سان حادثو پيش آيو، ڪراچي ايڪسپريس جيڪا ڪراچي کان راولپنڊي ڏانهن وڃي رهي آهي، حادثي جو شڪار ٿيل خاندان پپري ۾ رهندو آهي، جڏهن ته اصل خيرپور ميرس جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن، پوليس ضروري ڪاروائي بعد زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن لاش وارثن حوالي ڪيا.