ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيوڪراچي انڊسٽريل  ايريا ۾ ٽوال فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳي وئي، جيڪا ڏسندي ڏسندي سڄي فيڪٽري تائين ڦهلجي وئي، اطلاع تي فائربرگيڊ جون 14 گاڏيون پهتيون، واٽر هائڊرنٽس تي ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي، رينجرز ۽ پوليس ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو. فائر آفيسر موجب باهه پهرين گدام ۾ لڳي، باهه سبب لکين رپين جا ٽوال ۽ ڌاڳو سڙي ويو، باهه کي ٽئين درجي جو قرار ڏنو ويو هو،