اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين اي 45 ڪرم  تي چونڊ دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران چونڊ ضابطه  خلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي، اين اي 237 ملير ۾ ٿيل ضمني چونڊ دوران ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو، تفصيل موجب ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ عمران خان خلاف اين اي 45 ڪرم ۾ چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل بيرسٽر گوهر پيش ٿي چيو ته اسان کي جواب لاءِ گهڻو وقت نه مليو آهي، 30 آڪٽوبر تي نوٽيس مليو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ايندڙ ٻڌڻي کان پهرين لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، جنهن کان پوءِ ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اين اي 237 ملير ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ بدامني بابت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهاب امام جي درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، درخواست ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ شهاب امام ڄاڻايو آهي ته ملير ۾ ضمني چونڊن دوران پي ٽي آءِ جي ايم پي اي تي 20 کان 25 ماڻهن حملو ڪيو، جٿي جي حملي جي وڊيو به موجود آهي، تشدد جو واقعو پولنگ اسٽيشن نمبر 129 جي ٻاهران پيش آيو، اليڪشن ڪميشن چيو ته توهان کي ڪو مسئلو آهي ته اليڪشن ٽربيونل ۾ وڃو، ايف آءِ آر داخل نه ٿي ئي ته توهان سيشن ڪورٽ سان رابطو ڪيو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته درخواست سان گڏ ڪو به ثبوت فراهم نه ڪيو ويو آهي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اين اي 237 ۾  چونڊ شفاف نه ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ ڪي پي ڪي جي ميمبر چيو ته جتي توهان جا اميدوار ڪامياب ٿيا  اتي سڀ ٺيڪ آهي جتي هارائي ويا آهن اتي چونڊ شفاف نه ٿي آهي؟ جڏهن توهان هارجي وڃو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي توهان کي خراب نظر ٿي اچي، اليڪشن ڪميشن جي خصوصي سيڪريٽري چيو ته واقعو پولنگ اسٽيشن کان ٻاهر پيش آيو،  واقعي جي ايف آءِ آر داخل آهي، پوليس جي جاچ ڪاميٽي ڪم ڪري رهي آهي،  جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ان درخواست جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.