ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي تيسر ٽائون اسڪيم جي زمينن جي هيراڦيري ۽ زمينن تي قبضن وارا معاملا سامهون اچڻ بعد ڊائريڪٽر فنانس عبد الناصر خان کان ايڊيشنل ڊي جي واري اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي. ان حوالي سان ايم ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل جي سفارش تي مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين پاران عبدالناصر خان کان اي ڊي جي واري عهدي جي اضافي چارج واپس وٺي اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.