پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا حڪومت مقامي هارين کان 29 ارب روپين جي 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. خيبرپختونخوا جي خوراڪ واري وزير ظاهر شاهه طورو چيو آهي ته ڪڻڪ جو معيار ڏسڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون، خريداري مهم سڀاڻي 7 مئي کان شروع ڪئي ويندي، خريداري مرڪز ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان نگراني ڪئي ويندي. ظاهر شاهه طورو چيو ته ڪڻڪ خريداري ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي، شڪايتن جي لاءِ مانيٽرنگ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو، خريداري مهم ۾ شفافيت يقيني بنائينداسين. هن چيو ته 24 ڪلاڪن جي اندر بينڪ ذريعي هارين کي ادائيگي ڪئي ويندي، خوراڪ کاتي ايس او پي بابت سمورين لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي ڇڏيو آهي