لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان گڏجي اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاڙڪاڻو پهچي رهيو آهي. دوري دوران وڏو وزير ڪابينا جي ميمبرن سان گڏجي شهر جي خانگي بئنڪيوٽ هال ۾ کليل عوامي ڪچهري ۾ شرڪت ڪري مختلف کاتن بابت شڪايتون ٻڌي ازاليءَ لاءِ بروقت لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون. هوڏانهن وڏو وزير سيد مراد علي شاهه تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه سان گڏجي ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن ايليمينٽري سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري لاڙڪاڻو ريجن لاڙڪاڻو جي آفيس پهچي تعليم کاتي جي عملدارن جي اجلاس جي صدارت پڻ ڪندو. جنهن لاءِ ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن ايليمينٽري سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري لاڙڪاڻو ريجن عبدالعزيز چاچڙ سمورن تعلقه آفيسرن، تعليم کاتي جي سپريٽيڊنٽس ۽ اسسٽنٽس توڙي لاڳاپيل عملدارن ڏانهن ليٽر جاري ڪندي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمورا عملدار پرائمري اسڪول ٽيچرز، جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز جي جوائننگ ۽ خالي پيل جڳهن، عدالتن، ٽربيونل توڙي محتسب اعليٰ ۾ زير التوا ڪيسن، فوتي ڪوٽا، رٽائرمينٽ ۽ پينشن ڪيسن، سرڪاري اسڪولن کي فرنيچر جي فراهمي، نون استادن جي غيرحاضري، غيرحاضر رهندڙن خلاف ڪاروائين جا تفصيل، مالي سهائتا ۽ ميڊيڪل جي ڪيسن، سال 2021ع کان مئي 2024 تائين رٽائرڊ ٿيل استادن جا انگ اکر، اسڪول وائيز نيب پروفارما، اسڪولن ۾ گريڊ هڪ کان 20 تائين جي خالي پيل جڳهن، اپگريڊ ٿيل اسڪولن جا انگ اکر توڙي ترقياتي اسڪيمن بابت تفصيلي معلومات پاڻ سان گڏ کڻي اجلاس ۾ شرڪت ڪن.