لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس ٽي سال اڳ اغوا ٿيل پنجن ٻارڙن کي بازياب ڪرائي سندن امڙ لال خاتون جاگيراڻي حوالي ڪري مُک جوابدار غلام رسول جاگيراڻي ۽ ڪوڙل کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ڪنگا ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ بچل جاگيراڻي مان ٽي سال اڳ عورت لال خاتون جي پنجن ٻارڙن کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن تي گذريل سال عورت جي فرياد تي گناهه نمبر 2020/25 تحت اهڙو ڪيس داخل ٿيو، جڏهن ته ڪيس لاڳاپيل عدالت ۾ پڻ هلندڙ آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ساڳي ئي ڪيس ۾ ساجد عرف واجد ۽ محبوب جاگيراڻي روپوش آهن، پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري عورت جي پنجن ئي ٻارڙن کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث مُک جوابدار غلام رسول جاگيراڻي ۽ ڪوڙل جاگيراڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.