مدئجي: مدئجي ڀرسان ڳوٺ عزت جي وانڍ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان امتياز جوڻيجو جي هٿيارن جي ڇانو ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، مقتول جو والد ذوالفقار جوڻيجو مختلف ڪيسن ۾ شڪارپور جيل ۾ هو جنهن کي ٻن ڪلاڪن جي پيرول تي پوليس تحويل ۾ ڳوٺ آندو ويو، جتي هن مقتول پٽ جو آخري ديدار ڪيو، بعد ۾ مقتول جو مڙهه درگاهه ڪريم شاهه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.