اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايل اين جي ريفرنس ڪيس ۾ نواز ليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل جي ضمانت واري درخواست جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو ڪو به مواد سامهون نه آيو آهي جنهن ۾ بادي النظر چئي سگهجي ته اهو ڏوهه درخواست گذار سان جوڙي سگهجي ٿو، نيب خزاني جي نقصان جو جيڪو ڪاٿو لڳايو آهي اهو مفروضي تي ٻڌل آهي، نيب مفتاح اسماعيل مٿان ايل اين جي ٽرمينل ون جي معاهدي ۽ ڪنسلٽنٽ جي مقرري جو الزام لڳايو، جڏهن ته معاهدو پاڪستان جي حڪومت ڪيو ۽ ڪنسلٽنٽ آمريڪي اداري فراهم ڪيو، نيب اهو نه ٻڌائي سگهي آهي ته نيب آرڊيننس تحت ڏوهه ڪيئن بڻجي ٿو، اهڙين حالتن ۾ مفتاح اسماعيل کي قيد ۾ رکڻ جو ڪو به قانون جواز نه ٿو بڻجي، گرفتاري لاءِ مضبوط ثبوت هئڻ لازمي آهن، واضح رهي ته هاءِ ڪورٽ 23 ڊسمبر 2019ع تي ضمانت منظور ڪندي مختصر فيصلو ڏنو هو، جنهن جو تفصيلي فيصلو هاڻي جاري ڪيو ويو آهي.