حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ”سنڌي مضمون نويسي“ بابت ٻن ڏينهن وارو تربيتي  ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. پهرين ڏينهن تي اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل تربيتي ورڪشاپ جا مقصد ٻڌائيندي چيو ته مضمون ۽ مقالا نگاري تي ڪيترائي ڪتاب ڇپايا آهن جيڪي تحقيق ڪندڙن ۽ شاگردن لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيا. هاڻي تخليقي صلاحيتن جي واڌاري ۽ ان جي درست استعمال جي طريقن بابت تربيتي ورڪشاپ توڙي پروگرام ترتيب ڏنا پيا وڃن. مضمون نويسي ۾ نج ۽ درست ٻوليءَ جو استعمال وڏو مسئلو آهي. تربيتي ورڪشاپ ۾ مضمون نويسي ۾ ٻولي ماهر گهڻو ڪجهه ٻڌائيندا. نوجوان لکندڙ کي پنهنجي سوچ، خيال، تصور کي لکڻ کپي جنهن سان سندن لکڻ جي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. پروفيسر ادريس جتوئي پنهنجي ليڪچر ۾ ٻڌايو ته ڪو به لکندڙ مضمون نويسي جي سکيا ابتدائي درجن ۾ پڙهڻ دوران سکي ٿو. مضمون زندگي ۽ سماج جي ڪنهن به موضوع تي لکي سگهجي ٿو. ڪنهن به موضوع تي لکڻ وقت شخصي مشاهدا، مطالعا، جذبات، احساس، فڪري سوچ مددگار ثابت ٿئي ٿي جيڪي موضوع کي مضمون جي شڪل ۾ آڻين ٿا. ٻي ويهڪ ۾ ناليواري محقق ۽ ٻوليءَ ماهر ڊاڪٽر فياض لطيف ”سنڌي مضمون نويسي ۾ ٻوليءَ جو درست استعمال“ جي عنوان هيٺ ليڪچر ڏيندي چيو ته علم انسان جي ٽيئن اک آهي جيڪا نظر ناهي ايندي پر اها اک ئي انسان جو اصل سرمايو آهي. مضمون جا ٽي جُز ٿيندا آهن. پهريون تمهيد جيڪو عنوان جو تعارف هوندو آهي، ٻيو عنوان جي جسامت جنهن ۾ لکڻ وارو، مشاهدو، حقيقت، دليل ۽ پنهنجي سوچ شامل ڪندو آهي ته جيئن عنوان کي مضمون جي شڪل ڏئي سگهجي، مضمون جو ٽيون حصو نتيجو هوندو آهي ته جيئن عنوان کي دليلن سان مڪمل ڪري سگهجي. هن چيو ته مضمون لکڻ لاءِ مطالعو، مشاهدو، تجربا ضرور هئڻ گهرجن. ورڪشاپ ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن شرڪت ڪئي.