مشرف جي ڏيهه واپسي ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي: خواجه آصف

0
340

بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پرويز مشرف جي صحت خراب هجڻ تي ڏيهه واپسي ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي

ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي پرويز مشرف جي صحت بابت مختلف خبرون سامهون آيون هيون پر سندس پارٽي ترجمان توڙي فيملي اُنهن خبرن جي ترديد ڪئي هئي

بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته ماضي جي واقعن کي پرويز مشرف جي واپسي اڳيان رنڊڪ نه بڻجڻ گهرجي، دعا آهي ته هو صحتياب ٿئي ۽ هن عمر ۾ وقار سان پنهنجو وقت گذاري