مسڻ (ن پ ا)  سلطان آباد ٿاڻي جي حد ۾ بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ ڏنڊن مڪن جو ھڪ ٻي تي وسڪارو ڪيو ويو، جنھن سبب ٻنھي ڌرين جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ عامر بروھي لالا بروھي رحيم نور خان ۽ قلندر بخش بروھي ٻيا شامل آھن. زخمين کي ٽنڊوالھيار سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته سلطان آباد پوليس جھيڙي واري ھنڌ پھچي جھيڙو ختم ڪرايو آخري اطلائن تائين جھيڙي جو ڪو ڪيس وغيره داخل نه ٿيو آھي.