بدين، (رپورٽر) بدين جي درگاھ  لواري شريف جي ستين سجاده نشين پير گل حسن صديقي قريشي نقشبدي جو 41هون عرس مبارڪ پوري ملڪ ۾نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. عرس شريف جو مُک اجتماع درگاھ  لواري شريف ۾ ٿيو، عرس  مبارڪ ۾  نشات تنظيم ۽ ناجيه شاگرد تنظيم جي ڪارڪنن ۽ نشات سڪيورٽي به والنٽيئر طور خدمتون سرانجام ڏنيون،  پوري ملڪ مان آیل عقيدتمندن ۾ مردن، عورتن  ۽ ٻارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، عرس شريف جون تقريبون فجر جي نماز کانپوءِ شروع ٿيون جيڪي سڄو ڏينهن جاري رهيون، عرس شريف جي مک تقريب ظهر نماز بعد شروع ٿي جنهن ۾ قرآن خواني، تسبيح، حمد و ثنا سان گڏ ملڪ، قوم ۽ پاڪستان آرمي لاءِ پڻ خصوصي دعائون گهريون ويون.