ڦل (ن پ ا) ڦل ۾ مڪاني چونڊن ۾ مبينا ٿيل ڌانڌلين خلاف جي يو آءِ، پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مولانا عبدالسلام ڦل، غلام حيدر عرف پارس ٻلال ۽ عبدالجليل ڦل چيو ته اسان يوسي ۾ ٻين پولنگن تان کٽيو آھي، جڏهن ته وارڊ هڪ ديھه جسڪاڻي جي پولنگ تي اسان جي ايجنٽن جي چوڻ مطابق پ پ وارا ٻاهران ٺپا لڳل ووٽ کڻي اچي بيلٽ باڪس ۾ وڌا، اسان اعتراض ڪيو ته پرزائيڊنگ آفيسر اسان جي ڳالھه نه ٻڌي، هنن مطالبو ڪيو ته پولنگ ٻيهر ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو،