مزاحيه فنڪار واحد رضا حادثي ۾ معجزاڻي نموني بچي ويو!!

0
265

مانجھند : علي آباد ويجھو انڊس هاءِ وي تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي، حادثي سبب ھڪ ئي ڪٽنب جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن. حادثي جي زخمين ۾ سنڌي ميڊيا جو مشهور مزاحيه آرٽسٽ واحد رضا به شامل هو، واحد رضا گذريل ڏينھن پنھنجي فيملي سان گڏ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي وڃي رهيو ھيو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو. واحد رضا جو چوڻ هو ته مان خيريت سان آھيان منھنجي ڀيڻ ۽ ڀاڻج کي معمولي ڌڪ لڳا آھن، جن جو علاج ھلندڙ آھي. هن چيو ته مان پنھنجي مداعن جو شڪرگذار آهيان جن منهنجي خيريت لاءِ دعائون ڪيون. ۽ خيريت دريافت ڪئي.