اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  نواز ليگ جي اڳواڻ مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي احتساب عدالت جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ فيصلن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزنل بينچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس عامر فاروق چيو ته ڇا ٻئي درخواست گذار عدالت ۾ موجود آهن، ڇا انهن جي وڪيل ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي، ڇا اڄ جي ٻڌڻي جي حڪمنامي ۾ اهو لکي ڇڏيون ته ٻئي درخواستگذار عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا؟ جنهن تي جونيئر وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪجهه دير ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر عدالت ۾ پهچڻ وارا آهن، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جيئن ئي عدالت ۾ پهتا ته نواز ليگ جي ڪارڪنن عدالت ۾ گوڙ ڪيو، جنهن تي جسٽس عامر فاروق ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پهريان ضمانت رد ناهي ڪئي ڇو نه اڄ ضمانت رد ڪئي وڃي، وڪيل کي مخاطب ٿيندي جسٽس عامر فاروق چيو ته درخواستگذار کي عدالتي احترام جي خبر ئي ناهي، اوهان خاطري ڪرايو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪو به گوڙ نه ڪندا، جنهن تي وڪيل اعظم نذير تارڙ عدالت کان معافي گهري ۽ يقين ڏياريو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ائين نه ٿيندو.