ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ ايران جهڙو نظام؟ ملا هيبت الله سپريم ليڊر نامزد، ٽن ڏينهن ۾ حڪومت جوڙڻ ۽ عورتن کي وڏي تعداد ۾ نمائندگي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. طالبان اڳواڻ انعام الله سمنگاني چيو آهي ته طالبان اڳواڻ ملا هيبت الله نئين حڪومت جو به سربراهه هوندو، جنهن جي ماتحت صدر يا وزيراعظم ملڪ هلائيندو،  افغان نشرياتي اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته افغانستان جي آئين تي گهڻي قدر ڪم ٿي چڪو آهي، ڪابينا بابت به ضروري ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي، جنهن اسلامي حڪومت جو اعلان ڪيو ويندو، اها ماڻهن لاءِ هڪ مثال هوندي. ٻئي طرف افغان طالبان جي قطر ۾ سياسي آفيس جي نائب شير محمد عباس دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ٽن ڏينهن ۾ نئين افغان حڪومت جو اعلان ڪنداسين، ڪابل ايئرپورٽ به ٻن ڏينهن ۾ فعال ٿي ويندو، شير محمد عباس چيو ته نئين حڪومت ۾ اهي چهرا شامل نه هوندا جيڪي گذريل 20 سالن کان حڪومتن جو حصو رهيا آهن، بي بي سي پشتو ريڊيو کي انٽرويو ڏيندي هن وڌيڪ ٻڌايو ته نئين حڪومت انڪلوسيو ۽ سموري قوم جي نمائنده حڪومت هوندي، جڏهن ته نئين حڪومت ۾ عورتون وڏي تعداد ۾ شامل هونديون، اهو نه ٿو چئي سگهجي ته عورتون وڏن عهدن تي مقرر ٿينديون يا نه؟ اسان کي يقين آهي ته سڀ نئين حڪومت کي تسليم ڪندا، ڇاڪاڻ 20 سالن کانپوءِ افغانستان ۾ امن قائم ٿيو آهي، دنيا کي به گهرجي ته صورتحال مان فائدو وٺي اسانجي حڪومت کي تسليم ڪري، هن چيو ته دستاويزن کان بنا ڪنهن کي به ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه هوندي. ان کان اڳ طالبان قنڌار ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو، ضبط ڪيل آمريڪي هٿيار ۽ فوجي گاڏين سان گڏ پريڊ ڪيو، جنهن ۾ آمريڪي گاڏيون به شامل هيون، جنگي هيليڪاپٽرز به اڏامندا رهيا.