ڪراچي (م ڊ) سوشل ميڊيا تي اهم شخصيتن جون آڊيوز ۽ وڊيوز ليڪ ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي پر هن ڀيري نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز جو ذڪر ٿيو آهي ٽڪ اسٽار حريم شاهه وڊيو ليڪ نه ٿيڻ لاءِ مريم نواز کي دعا جو مشورو ڏنو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل وڊيو ۾ حريم شاهه چوي ٿي ته مريم نواز جو چوڻ هو ته نيب جي حراست دوران “نائيٽ سوٽ” ۾ سندس وڊيوز ٺاهيون ويون. حريم شاهه چيو ته مريم نواز کي گهرجي ها ته اتي مناسب ڪپڙا پائي ها نيب جي حراست دوران ڪيمرائون لڳل هيون مريم نواز جون وڊيوز ٺهي ويون دعا گهري ته ڪير وڊيوز ليڪ نه ڪري