جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي کي جيل اندر گهربل سهولتون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ علي زيدي سان جيل ۾ غير انساني ورتاءَ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ پيش ٿيو، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته علي زيدي سان جيل انتظاميا پاران غير انساني ورتاءُ ڪيو پيو  وڃي، پي ٽي آءِ اڳواڻ شگر  ۽ بلڊ پريشر جو مريض آهي، کيس دوائون به نه پيون ڏنيون وڃن، وڪيل چيو ته جيل انتظاميا اڳوڻي وفاقي وزير سان گهر ڀاتين، وڪيلن ۽ دوستن جي ملاقات تي به پابندي هڻي ڇڏي آهي، جيڪو عمل قانون جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت جيل سپرنٽينڊنٽ کي علي زيدي کي قانون تحت سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ساڻس مائٽن توڙي دوستن سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.