مدئجي (ن پ ا)  2 ڏينهن اڳ 20 ميل ٿاڻي جي حد ڳوٺ ربنواز مڱڻيجو ۾ڪلهوڙا برادري جي هٿياربندن  جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن محرم مڱڻيجو، سراج ڪلهوڙو ۽ مهمان ٿي آيل علي نواز خروس جو ڪيس هن وقت تائين داخل ٿي ناهي سگهيو.ٽنهي مقتولن جي ٽيجهي جون رسمون اڄ ادا ڪيون وينديون. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ويهه ميل ٿاڻي جي پوليس ٻڌايوته اڃان تائين مقتولن جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن پهتا وارث جيئن ئي ايندا ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڪارروايون ڪنداسين، هوڏانهن خوني تڪرار کي روڪڻ لاءِ پوليس ڪي به قدم ناهن کنيا ۽ ڪچي جو علائقو هجڻ ڪري ٻيهر رتو ڇاڻ جو خطرو وڌي ويو آهي جڏهن ته ڌريون پڻ مورچا بند بڻيل آهن. جنهن ڪري وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو اڻٽر ٿي ويو آهي.