ڊکڻ (ن پ ا) ڳوٺ ڇتو منگي جي منگي برادري ۽ ڳوٺ ٽيل ڏاهاڻي جي ڏاهاڻي برادري ۾ هلندڙ 30 سال کان پراڻي تڪرار  جي خاتمي لاءِ جمعيّت علماءِ اسلام شڪارپور جي امير عبدالله پهوڙ، تعلقي ڳڙهي ياسين جي امير سيد رشد الله شاهه امروٽي،  بخش علي ڪيهر، غلام عباس مرکياڻي، سرائي شعيب سيال، علي نواز سيال، ڪريم بخش جعفري جي اڳواڻي ۾ مدرسه تاج الهدا امروٽي ڊکڻ کان ميڙ منٿ قافلو نڪتو، جهيڙيندڙ ٻنهي ڌرين وٽ ٻنهي ڳوٺن ۾ پهتو، ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي منگي ۽ ڏاهاڻي برادري ٻن ڏينهن جي مهلت گهري ٺاھ لاءِ راضپو ڏيکاريو، منگي برادري جي فقير پنهل منگي، وڏيرو بابو علي شير منگي ۽ ڏاهاڻي برادري جي چڱن مڙسن قلندر بخش ڏاهاڻي، نواب ڏاهاڻي ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻن ۽ ميڙ ۾ شريڪ خير خواهه دوستن کي عرض ڪندي چيو ته ٻن ڏينهن جي اندر اسان پاڻ ۾ برادري جي ڀائرن سان صلاح مشورو ڪري انشاءَ الله توهان کي فيصلي جي تاريخ جي سٺي ورندي ڏينداسين، ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ رشدالله شاھ امروٽي ٻڌايو ته علائقي ۾ برادري تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ هي سلسلو شروع ڪيو آهي جلد ڌرين جو ٺاھ ڪرائبو.