اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڪاليج جو هنڌ تبديل ٿي ويو، پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي شهرين جي  احتجاج ۽ مطالبي بعد ڪاليج کي شهر کان ٻاهر کليل ميدان ڏانهن منتقل ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته  سماجي اڳواڻ راجا اڻنڌاڻي باءِ پاس روڊ تي پنهنجي سروي ٻنيءَ مان ڪاليج کي 2 ايڪڙ زمين گفٽ ڪري ڇڏي آهي، شهرين پاران ڪاليج کي باءِ پاس روڊ ۽ سُٺي لوڪيشن تي منتقل ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، ڪمليش ڪمار، گهنشام داس پارواڻي، واپاري  ڪلديپ پارواڻي،آدم هنگورجو،وڪيل منور ساگر، صحافين عبدالغني بجير،مبارڪ بجير،الطاف اسماعيل بجير،غازي بجير، شاهنواز خاصخيلي ۽ راجا اڻنڌاڻي پاران گڏجي گفٽ ڪيل 2 ايڪڙ زمين جو جائزو ورتو ۽ بهترين لوڪيشن تي هنڌ هجڻ ڪري ايم پي اي پاران اُتي ڪاليج کي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان حوالي سان  فقير شير محمد بلالاڻي چيو ته شهرين جي اعتراضن بعد ڪاليج ٻاهر سُٺي لوڪيشن ڏانهن منتقل ڪئي آهي، جنهن جو ڪم اڄ   کان  شروع ٿيندو، هن چيو ته راجا اڻنڌاڻي کي جس هجي جنهن ڪاليج لاءِ پنهنجي سروي زمين مفت گفٽ ڪئي آهي.