مورو(ن پ ا) روزاني پنھنجي اخبار ۾ خبر اچڻ کانپوءِ چيف سيڪريٽري روينيو ممتاز علي شاھ نوٽيس وٺندي ٻن مھينن کان خالي پيل مورو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڪرسي تي محمد سليم ميمڻ کي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو مقرر ڪري ڇڏيو ۽ اھڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي. ياد رھي ته ٻن مھينن کان اھا ڪرسي خالي پيل ھئي جنھن سبب روينيو کاتي جا ڪم ڪار رولڙي جو شڪار ھئا ۽ اھڙي رپورٽ روزاني پنھنجي اخبار ۾ شايع ٿي ۽ ان کانپوءِ روينيو کاتي اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري محمد سليم ميمڻ کي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو مقرر ڪري ڇڏيو آھي.