محبوبا جي شادي ۾ انٽري: نوجوان ھڪ ئي وقت مڱيندي ۽ محبوبا سان شادي ڪري ڇڏي

0
713

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پوري دنيا ۾ محبت ڪنھن سان ۽ شادي ڪنھن ٻئي سان واقعا تمام گھڻا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن، پر انڊونيشيا ۾ تازو ھڪ دلچسپ واقعو پيش آيو، غير ملڪي ميڊيا رپورٽ موجب گذريل مھيني انڊونيشيا جي رياست نوگاتينگارا ۾ 20 ورھين جي ڪورڪ اڪبر جي شادي ان جي مڱيندي سان ٿي رھي ھئي تھ ان وقت محبوبا بھ شادي تقريب ۾ پھچي وئي، ڇوڪري جي محبوبا ان جي ٿيڻ واري زال کي پاڻ بابت ٻڌايو ۽ شادي جي اجازت گھري جنھن تي ڪنوار بھ پنھنجي ٿيڻ واري مڙس سان تعلق ٽوڙڻ جو انڪار ڪيو، حيرت انگريز طور تي ڪورڪ اڪبر جي مڱيندي ان جي محبوبا کي بھ پنھنجي ٿيڻ واري مڙس سان شادي جي اجازت ڏني جنھن تي ڇوڪري ٻنھي سان شادي ڪري ورتي، ڪورڪ اڪبر جي مڱيندي چيو تھ مڙس جي محبوبا کي اسان جي شادي جو اطلاع سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تان مليو.