سوال/سروي پيئڻ جو پاڻي هاڃيڪار ٿي ويو، حڪومت فلٽر پلانٽ لڳائي: عوام

0
248

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پاران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، دادو، نوابشاهه، ٽنڊوالهيار ۽ بدين سوڌو ملڪ جي 29 شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي ويو آهي حڪومت کي گهرجي ته هر شهر ڳوٺ ۾ فلٽر پلانٽ لڳائي رهواسين کي صاف پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته جر جو پاڻي خراب ٿيڻ سبب ماڻهو بيمار آهن حڪومت کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، شاهنواز چاوڙو لکيو ته سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي علائقي واسي سم نالن ۽ جر وارو کارو پاڻي واپرائي رهيا آهن، گل حسن شر لکيو ته حڪومت کي وڌ کان وڌ فلٽر پلانٽ ۽ آر او پلانٽ لڳائڻ گهرجن، نور احمد ڪاتيار پڻ سروي ۾ حصو ورتو، ايم يوسف لغاري لکيو ته اسان پاڻ ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ رھون ٿا اسان ڪجھه مھينا پھرين پنھنجي علائقي ۾ موجود پاڻي چيڪ ڪرايو خبر پئي ته اسان پاڻي جي صورت ۾ زهر پي رهيا آهيون اھي رپورٽون ساڻ کڻي سرڪاري آفيسن ۾ آر او پلانٽ لاءِ درخواستون پڻ ڏنيون پر ڪجهه نه ٿيو اسان وٽ 100 مان 70 سيڪڙو ھيپاٽائيٽس بي سي جا مريض آهن، صاحب خان رند لکيو ته حيدرآباد جا ماڻهو گندو پاڻي واپرائي رهيا آهن. جاويد زرداري لکيو ته اسان وٽ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، عصمت الله حسن لکيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ڀرپاسي واهن ڪئنالن مان فلٽر پلانٽ لڳائي عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪري، محمد الهيار لکيو ته هر محلي ۾ ننڍا وڏا فلٽر پلانٽ لڳائي انسانن کي بيمارين کان بچائي سگھجي ٿو، عمران شر لکيو ته سنڌ حڪومت پاڻي ڇا مھيا ڪندي اسان جي ضعلي گھوٽڪي ۾ ماڙي پيٽروليم اسان جي سڄي ضلعي جو پاڻي کارو ڪري ڇڏيو آهي، آڪاش نهڙي لکيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي مهيسر ناهي، شنڪر باغي لکيو ته سرڪار کان جيڪو ٿيو سو ڪيو گٽر جون لائنون پاڻي جي لائنن سان ملائي ڇڏيون، محمد حسن بلوچ لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڀرپاسي واري واهن ۽ ڪئنالن ۾ آر او پلانٽ لڳائي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سنڌ سرڪار پاڻي جو مسئلو جلد حل ڪري، ڪانجي لکيو ته اسان وٽ پاڻي کارو آهي، ڪاشف حسين ڪنڀير لکيو ته حڪومت ڪوشش ڪري ته پاڻي وارو مسئلو جلدي حل ڪري سگهي ٿي پر ڪري نٿي، ايڊووڪيٽ رميش ڪمار لکيو ته هر شهر ڳوٺ ۾ آر او پلانٽ لڳائي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ثناءُالله چنا لکيو ته حڪومت کي عوام جي صحت بابت اپاءَ وٺڻ گهرجن، لياقت نهڙي لکيو ته واهن ۽ڪئنالن تي آر او پلانٽ لڳايا وڃن، شفقت ابڙو لکيو ته حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، اعجاز شيخ، محمد لائق به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته حڪومت ڪهڙا قدم کڻندي، غريب ماڻهو خراب پاڻي پي مري ويندا، محبتي مڪيش جيپال، جنيد زرين جمالي ۽ عاشق حسين به سروي ۾ حصو ورتو، انتظار حسين ڦل لکيو ته سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ صاف پاڻي جي سهولت ناهي، محمد ايوب لکيو ته عوام کي ڪڏهن صاف پاڻي ملندو، اين بي شر لکيو ته حڪومت آر او پلانٽ لڳائي، شمشاد شاهه لکيو ته عوام ائين رڙيون ڪندو رهندو، جاويد چنا لکيو ته ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ هن مند تائين ساريالو فصل لاءِ پاڻي نه پهچائي سگهي آهي هتان جو آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، آسودومل لوهاڻو لکيو ته اهو مسئلو رڳو سنڌ جو ناهي پوري پاڪستان جو مسئلو آهي، نماڻو نوناري لکيو ته پاڻي سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، عمران علي لکيو ته پ پ حڪومت ختم ٿيڻ گهرجي، محمد بچل سميجو به سروي ۾ حصو ورتو.خيرمحمد لکيو ته جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ ئي نه کپي، يو بي جوڳي لکيو ته حڪمران ڪڏهن سڌرڻا ناهن، موهن لال لکيو ته گدلي پاڻي سبب خلق جا گڙدا ناڪارا ٿي ويا آهن، حبيب الله عمراڻي لکيو ته حڪومت ڪهڙا مسئلا حل ڪيا آهن جو هي ڪندي، خاموش خليل شر لکيو ته جر جو پاڻي ڪڙو ۽ سينکو ٿيندو پيو وڃي، حڪومت پاران لڳل واٽر پلانٽ، فلٽر پلانٽ جي سار سنڀال نه لهڻ سبب پائيپ گدلا ٿي ويا آهن ۽ گدلو پاڻي اچي ٿو، طارق سنائي لکيو ته گندو پاڻي فيڪٽرين جو ڪيميڪل وار زهريلو مادو، پولٽري فارمن جو زهريلو گندو پاڻي سنڌ درياءَ ۾ وڃي رهيو آهي، منير سومرو لکيو ته حڪومت کي جر جو پاڻي فلٽر ڪرڻ جا انتظام ڪرڻ گهرجن، سردار مظهر گورچاڻي لکيو ته اسان بار بار پبلڪ هيلٿ انتظاميا توڙي ٽائون انتظاميا کي شڪايتون ڪيون آهن پر پائيپ لائنن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي، حنيف ڏيانگ لکيو ته حڪمرانن کي ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، سينگار علي لکيو ته اسان جي شھر فريدآباد ۾پيئڻ جي پاڻيءَ جو سخت بحران آهي، يعقوب کوسو، محمد الياس، اعجاز شيخ، آزاد بخت گوپانگ، مير محمد نهڙي به سروي ۾ حصو ورتو، وحيد ڄامڙو لکيو ته سنڌ جي سموري ضلعن ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناھي اڪثر علائقن ۾ جر جي پاڻي ۾سينکيو آھي، امتياز جمالي، مبين اڄڻ ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.