محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو فيڊر تي مشتمل ڳوٺ سنجر خان گوپانگ جي 2 هفتن کان بجلي بند هجڻ سبب رهواسي سخت پريشان آهن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن ناهيد گوپانگ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري دانهيندي چيو ته سيپڪو عملدارن ڳوٺ جي بجلي بند ڪري ظلم ڪيو آهي، سيپڪو وارا بجلي هلائڻ لاءِ رشوت طلب ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي.