ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران  ايم ڪيو ايم جي اليڪشن ڪميشن جو ڪورم پورو نه هئڻ باوجود  مڪاني چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ خلاف  داخل درخواست تي اڄ فيصلو ٻڌايو ويندو، ڪالهه ٻڌڻي  دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل طارق منصور چيو ته نامڪمل اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته ساڳئي نوٽيفڪيشن تي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو ٿي چڪو آهي، اهي چونڊون به سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿيون آهن، جنهن تي ايم ڪيو ايم وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ آئين موجب چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو ڪورم مڪمل نه هو ته پوءِ جاري ٿيل نوٽيفڪيشن آڌار مڪاني چونڊ جو پهريون مرحلو به ٿي ويو آهي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ حڪومت جو ان بابت ڇا موقف آهي؟ ايڊوڪيٽ جنرل هڪ ڏينهن جي مهلت گهري ورتي، ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته مڪاني چونڊن کي روڪيو وڃي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ 12 جنوري تائين ملتوي ڪندي چيو ته ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو ٻڌايو ويندو،