ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) مڪاني تڪبنديون نامنظور، اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران ايم ڪيو ايم جي  3 ڌڙن پاران طاقت جو مظاهرو، وفاقي حڪومت کي ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو، اڳواڻن اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ ياداشت نامو پڻ جمع ڪرائي ڇڏيو،  ڪالهه  ايم ڪيو ايم پاران اليڪشن ڪميشن جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ پي ايس پي ۽  فاروق ستار گروپ سميت مختلف ڌڙن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته اسان وڙھڻ نه ٿا چاھيون پر توھان سڃاڻو ٿا ته اسان وڙھڻ ڄاڻندا آھيون، اسان روڊن تي اچي ويا آھيون، ھتان جا روڊ اسان جي رت سان رڱيل آهن، جيڪڏهن تڪبنديون ٺيڪ نه ٿيون ته پوءِ ڪير به اليڪشن نه وڙهندو، اسين پنهنجو حق وڙهي وٺنداسين،هن وڌيڪ چيو ته آدمشماري وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ پاڪستان جي محب وطن قوم کي  اڌ ڳڻيو ويو آهي، جڏهن ته  ووٽر لسٽن ۾ وڌيڪ اڌ ڪيو ويو آهي ، اسان صحيح وقت تي صحيح رستو اختيار ڪري ورتو آھي، هن چيو ته شھري ۽ ٻھراڙي طبقن ۾ نفرت ختم ڪرڻ لاءِ اسان پنھنجي حصي جي قرباني ڏئي چڪا آھيون، ھي پاڪستان پھريان ھندستان ھو، اسان جو قدم پيو ته ھي پاڪستان بڻيو، خالد مقبول صديقي چيو ته جيڪڏھن 2 ڏينهن ۾ تڪبنديون درست نه ٿيون ۽ اسان اليڪشن نه وڙھياسين ته پوءِ ڪير به ھن شھر ۾ اليڪشن نه وڙھي سگھندو، جيڪڏھن اسان کي قانوني ۽ آئيني حق نه ڏنو ويو ته پوءِ اسان پنھنجو حق کسي وٺنداسين، هن چيو ته وزيراعظم صاحب !  هي بليڪ ميلنگ ناھي، اسان پنھنجي قوم سان گڏجي پنھنجو حق گھري رھيا آھيون، مھاجر قوم توھان جي ذميواري آھي يا ناھي؟ توھان پنھنجو فيصلو ٻڌايو، اسان پنھنجي فيصلي ۾ آزاد آھيون، جيڪڏھن ٻن ڏينهن ۾ توھان ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ اسان پنھنجو فيصلو ڪنداسين، اڄ سڄي ڪراچي روڊن تي آھي، لساني بنياد تي ڪيل تڪبندين کي قوم رد ڪري ٿي، ان موقعي تي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي تي قبضو ڪندڙن جو منصوبو اڄوڪي احتجاج سبب چڪنا چور ٿي ويو آهي، هن چيو ته 2018 ۾ ٽي ڪروڙ آبادي مان  70 لک آبادي گھٽ ڪري ھي شھر عمران خان حوالي ڪيو ويو،  هن  چيو ته سڄي دنيا ۾ رڳو منھنجي صوبي جو وزير اعليٰ ڪچري ۽  پاڻي جو انچارج پڻ آھي، هن چيو ته  آصف علي زرداري صاحب!  جيڪڏھن توھان کي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻو آھي ته پوءِ ڪراچي وارن کي گڏ کڻي ھلڻو پوندو،  ان موقعي تي ايم ڪيو ايم بحالي ڪاميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جعلي تڪبنديون وڏي ناانصافي آهن، اسان جو  احتجاج اليڪشن ڪميشن جي غير منصفاڻي رويي خلاف آھي، احتجاج ۾ اڳوڻي ميئر وسيم اختر، خواجا اظهار ، فيصل سبز واري، انيس قائم خاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي.