ذڪا اشرف ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جو ذميوار نجم سيٺي کي قرار ڏئي ڇڏيو

0
155
ذڪا اشرف ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جو ذميوار نجم سيٺي کي قرار ڏئي ڇڏيو
ذڪا اشرف ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جو ذميوار نجم سيٺي کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اسپورٽس رپورٽر) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مينيجمنٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ايشيا ڪپ کانپوءِ ورلڊ ڪپ ۾ به خراب ڪارڪردگي جو ذميوار اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي کي قرار ڏيندي چيو آهي ته ٽيم سليڪشن سيٺي جي دور جي ٿيل آهي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ذڪا اشرف چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪوچ ۽ ٽيم جي سليڪشن نجم سيٺي ڪئي هئي. جڏهن مون عهدو سنڀاليو ته ايشيا ڪپ شروع ٿيڻ ورو هو ۽ افغانستان خلاف سيريز به طئي ٿي چڪي هئي

ان کان ترت پوءِ ورلڊ ڪپ شروع ٿي ويو. ڪو به ماڻهو وچ ۾ ٽيم ۾ تبديليون ڪري سموري ڪرڪيٽ ٽيم کي پريشان ڪرڻ نه چاهيندو. هن چيو ته نجم سيٺي پنجن مک رانديگرن کي ايشيا ڪپ کان اڳ ليگ کيڏڻ جي اجازت ڇو ڏني؟

ان سان اهي رانديگر ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي پيا جنهن ڪري اسان ايشياڪپ هارايو ۽ ورلڊ ڪپ ۾ به اسان جي ٽيم جي ڪارڪردگي خراب ٿي وئي آهي. هن چيو ته نسيم شاهه ڪلهي جي تڪليف جي علاج لاءِ آپريشن لاءِ انگلينڊ ۾ آهي مون سموريون حقيقتون بيان ڪيون آهن