لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ جو سبب سامهون اچي ويو.سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي پي سي بي طرفان گذريل 4 مهينن کان پگهارون ادا ناهن ڪيون ويون، جنهن تي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر آڪاش چوپڙا به حيرت جو اظهار ڪيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن پي سي بي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيحون ئي ناهن ڪيون.ذريعن موجب رانديگرن سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيحون ئي ناهن ڪيون ته کين پئسا ڪيئن ملندا؟ ٽيم جا ڪجهه رانديگر سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ ٺاهيل فهرست تي به خوش ناهن.پر ان حوالي سان پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ڪرڪيٽرن کي ڀارت ۾ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جون ڪاپيون فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته قومي اسڪواڊ کانسواءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ٻين رانديگرن کي به ڪاپيون موڪليون ويون آهن.پي سي بي ذريعن موجب رانديگر صحيحون ڪري بورڊ کي آگاهه ڪندا، جنهن کانپوءِ کين فوري طور ادائيگين جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته صحيحون نه ٿيڻ سبب رانديگرن کي ادائيگيون نه ٿي سگهيون، رانديگرن کي پهرين جولاءِ 2023 کان 30 جون 2026 تائين ڪانٽريڪٽ جي آڇ ٿي هئي، پي سي بي 30 ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪئي.سينٽرل ڪانٽريڪٽ رانديگرن جي فارم ۽ فٽنيس سان مشروط آهي، بورڊ ٽن سالن دوران ڪانٽريڪٽ جو نئين سر جائزو وٺي سگهندو.