نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) انٽرنيٽ تي 10 شخصيتن کي سرچ ڪرڻ خطرناڪ به ثابت ٿي سگھي ٿو ڇو جو سمارٽ فون يا ڪمپيوٽر ڪنهن وائرس جو شڪار ٿي سگھي ٿو. ڪمپيوٽر سيڪيورٽي ڪمپني ميڪافي آن لائين سرچنگ جي حوالي سان 10 خطرناڪ شخصيتن جي فهرست جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هالي ووڊ اداڪار ريان گوسلينگ کي انٽرنيٽ سرچنگ لاءِ سڀ کان خطرناڪ شخصيت قرار ڏنو ويو آهي.ان فهرست ۾ 5 مرد ۽ 5 عورتن کي شامل ڪيو ويو آهي.ڪمپني موجب جڏهن واهپيدار ڪنهن مشهور شخصيت بابت ڪجهه بڌندا يا نئين ڄاڻ چاهيندا آهن ته اهي ڪجهه سوچڻ کانسواءِ سرچ ڪندا آهن،

ان سان سائبر ڪرمنلز کي موقعو ملندو آهي ته اهي شڪي ويب سائيٽس ۾ نقصانڪار ميل ويئر يا وائرس وغيره انسٽال ڪري ڇڏين. ان فهرست ۾ آمريڪي اداڪارا جارجينا 10 هين، گلوڪار بيڊ بني 9 هين اداڪارا مارگوٽ روبي 8 هين، صحافي ۽ ٽي وي شخصيت اي آءِ روڪر 7 هين، ايلون مسڪ 6 هين، اداڪار ڪيون ڪوسٽنر 5 هين ايملي بلنٽ چوٿين، جينيفر ٽئين ۽ زينڊايا ٻئين نمبر تي آهن، ڪمپني موجب فلم باربي جي ڪاميابي سبب ريان گوسلينگ کي انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ جي شرح به وڌي آهي ۽ ان سان سائبر ڪرملنز کي موقعو مليو آهي.