اسلام آباد: دفاع جي وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته لوٽن کان بدلو وٺڻو آهي،  جڏهن چونڊون آيون ته لوٽن جو منهن ڪارو ڪري انهن کي گڏهن تي ويهارڻو آهي، مان هنن کي چوان ٿو ته پي ٽي آءِ مان ويندئو ته پڇتائيندئو. جلسي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته عوام کي ايماندار ليڊر عمران خان سان گڏ بيهڻ گهرجي، عمران خان ملڪ کي چورن لٽيرن کان بچائڻ چاهي ٿو، اپوزيشن کي تڪليف ان جي آهي ته وزيراعظم ملڪ کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، اسان جو ليڊر چوري نه ڪندو آهي، ڪنهن جو پيءُ به ان کي هٽائي نه ٿو سگهي، ڊڄڻو ناهي، گهٻرائڻو  ناهي، عمران خان سان گڏ بيهڻو آهي، اسان کي اسيمبلي ۾ بليڪ ميلر قومي اسيمبلي ميمبرن بليڪ ميل ڪيو، هن چيو ته هڪ به ايم اين اي پي ٽي آءِ کي ناهي ڇڏي ويو، بس هڪ نامراد عورت پي ٽي آءِ جي هئي خبر ناهي ڪهڙي لالچ ۾ هلي وئي، اسان جا اهي ويا جيڪي اسان جا نه هئا، اهي عوام ۾ ويندا ته جوتا کائيندا، عوام انهن جو منهن ڪارو ڪندو، اهي پنهنجي ٻارن جي بي عزتي نه ڪرائن.