اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر جلسي ۾ خطاب دوران وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اليڪشن  ته ايندڙ سال آهي پر دل چوي ٿي ته اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيو ته خبر پوي پاڪستان ڪنهن سان گڏ آهي، سياسي مخالفن کي پتو لڳي ويندو، هن چيو ته حرام جي دولت وارا حڪمران اکيون مٿي کڻي ڳالهائي نه ٿا سگهن، بي اعتمادي جي رٿ ننڍي شئي آهي، پاڪستان جي عوام جو اعتماد توهان سان گڏ آهي، فتح توهان جي ٿيندي، هن چيو ته قوم جاڳي چڪي آهي، هي جيترو جلسو آهي ان کي ٽي وي اسڪرين ڪور نه ٿي ڪري سگهي، لکين ماڻهو پنڊال کان ٻاهر آهن، اسد عمر چيو ته عمران خان پاڪستان بچائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي، فضل الرحمان چيو آهي ته جوبائيڊن دنيا جو ليڊر آهي فضل الرحمان ٻڌي وٺي ته جوبائيڊن ان جو ليڊر هوندو اسان جو ناهي، کنڊ ۽ ڊيزل جي کوٽ جو ته ٻڌو آهي پر ڪنهن نه ٻڌو آهي ته بوٽ پالش جي کوٽ ٿي وئي هجي، هڪ ليڊر کي جيڪو بوٽ مليو ان کي ان پالش ڪري ڇڏيو، اڄ هو ولايتي بوٽ پالش ڪري رهيو آهي، هن بلاول ڀٽو جو  نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته مان ان جو  نالو نه ٿو کڻان ان جون ڪانپين ٽانگ رهيون آهن.