لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ مڪلاڻي جي گرلس پرائمري اسڪول تي پلاٽ ڏيڻ جي دعويٰ ڪندڙ بااثر محمد علي بليدي مبينا قبضو ڪري اسڪول کي واڙي، ڀانڊي ۽ اسٽور روم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ اسڪول تي قبضي بعد اڱڻ تي ٽريڪٽر بيهارڻ ۽ ڪلاس روم ۾ مال جي چاري لاءِ ڪڻڪ جو بھه ۽ گهر جو ٻيو ڪٻاڙ رکيل نظر اچي رهيو آهي، اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مبينا قبضو ڪندڙ محمد علي بليدي جو چوڻ آهي ته اسڪول جو پلاٽ هنن ڏنو آهي، جنهن ڪري هو اسڪول جي عمارت استعمال ڪرڻ جو حق رکن ٿا، جيڪو عمل غلط ناهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄانايل اسڪول جي عمارت تي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بااثر جو قبضو ٿيل آهي، جنهن ڪريڳوٺ جون معصوم نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن، جڏهن ته بااثر خلاف ڪير به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.