اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ جو حڪم

0
701

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب راولپنڊي نواز شريف جي ملڪيت کي نيلام ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جيڪا عدالت پاران قبول ڪئي وئي، جڏهن ته توشه خانه ريفرنس ۾ اشتهاري هجڻ تي عدالت نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالتي حڪم موجب، جتي به نواز شريف جي ملڪيت آهي ۽ ان تي ڪو به اعتراض ناهي آيو ته لاڳاپيل صوبائي حڪومت ان کي نيلام ڪري سگهي ٿي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ ڊي سي لاهور ۽ ڊي سي شيخوپوره کي نواز شريف جون زمينون وڪڻڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور ۽ شيخوپوره کي 60 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ ، ملڪيت نيلام ڪرڻ ۽ رقم کي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته نواز شريف جون گاڏيون به 30 ڏينهن اندر نيلام ڪيون وڃن ۽ گاڏيون ضبط ڪيون وڃن ۽ پوليس جي مدد سان وڪرو ڪيون وڃن. عدالت اي ٽي او لاهور ۽ اسلام آباد کي نواز شريف جون 3 گاڏيون ۽ 2 ٽريڪٽر وڪرو ڪرڻ ۽ انهن جي 8 بئنڪ اڪائونٽن ۾ رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. ياد رهي ته مريم نواز مري ۽ ڇانگا گلي گهر کي ضبط ڪرڻ تي اعتراض ڪيو آهي.