لاڙڪاڻي ڀرسان ٽن ڀائرن سميت 5 ڄڻا قتل

0
379

لاڙڪاڻي ۾ لالو رائنڪ واسي ٽن ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا سرِعام قتل ڪيا ويا آهن

 جيل روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڪار تي انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ٽن ڀائرن سميت 5 ڄڻا ٿڌي تي مارجي ويا، ڪار ۾ 5 ڄڻا ئي سوار هئا، گوليون لڳڻ سبب سڀ ئي مارجي ويا

 مارجي ويلن ۾ 3 ڀائر ماجد، امجد، شوڪت، سندن سئوٽ امير سولنگي ۽ ڪار ڊرائيور نجم الدين چانڊيو شامل آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مغيري ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي تان پيش آيو آهي، ڌُرين ۾ شاخ جي ڪپر جي مالڪي تان تڪرار ٿيو هو

مقتول ماجد ۽ امجد مغيري ڌُر جي ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ هڪ سال کان جيل ۾ هئا، اڄ ضمانت منظور ٿيڻ بعد واپس وڃي رهيا هئا ته ڪار تي حملو ڪيو ويو