ڪشمير ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڀارت سان ڳالهين بابت پاڪستان جي موقف ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي: بلاول ڀٽو زرداري

0
179
ڪشمير ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڀارت سان ڳالهين بابت پاڪستان جي موقف
ڪشمير ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڀارت سان ڳالهين بابت پاڪستان جي موقف ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشمير ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڀارت سان ڳالهين بابت پاڪستان جي موقف ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي، ڀارت تي دارومدار رکي ٿو ته هو ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري، آگسٽ 2019ع ۾ کنيل قدمن تي ڀارت نظرثاني نه ڪري ته نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ممڪن نه هونديون

هڪ انٽرويو دوران بلاول چيو ته منهنجو ڀارت اچڻ نياپو آهي ته پاڪستان ايس سي او کي اهميت ڏئي ٿو

هن چيو ته پونڇ سيڪٽر ۾ فائرنگ جي واقعي جو الزام پاڪستان تي هنيو ويو، جڏهن به برف پِگهرڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته اهڙا الزام سامهون ايندا آهن

هن چيو ته  پاڪستان هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿو، پاڪستان امن جي بحالي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن

ان کان اڳ شنگهائي تعاون تنظيم جي وزارتي اجلاس کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي کي سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪوششن جو حصو بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي، غربت ۽ موسمياتي تبديلي جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي ڪشمير پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، ڀارت کي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول جوڙڻو پوندو، ڀارت 5 آگسٽ 2019 ۾ والاريل ڪشمير ۾ غير قانوني قدم کنيا، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڀارت کي ڳالهين لاءِ 4 آگسٽ 2019 واري پوزيشن تي واپس اچڻو پوندو

بلاول ڀٽو زرداري ڪانفرنس هال ۾ پهتو ته ڀارت جي پرڏيهي معاملن واري وزير جئي شنڪر سندس آجيان ڪئي، بلاول ڪانفرنس جي موقعي تي مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون

هن کي به پڙهندا

دهشتگردي کي سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري