ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻيا خطرناڪ ڏوهه ختم ڪرايا آهن: ڪراچي پوليس چيف جي دعويٰ

0
178
ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻيا خطرناڪ ڏوهه ختم ڪرايا آهن
ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻيا خطرناڪ ڏوهه ختم ڪرايا آهن: ڪراچي پوليس چيف جي دعويٰ

ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻيا خطرناڪ ڏوهه ختم ڪرائي ڇڏيا آهن

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جاويد عالم اوڍو چيو ته ڪٿي ڪٿي ڏوهه ٿين ٿا، اهي به سيف سٽي پروجيڪٽ سان ختم ٿي ويندا

ڪراچي پوليس چيف چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ تي سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، هڪ ڪيمرا 24 کان 25 اهلڪارن جي برابر آهي، اسان واپاري تنظيمن سان گڏجي ڪيمرائون لڳايون پيون وڃن، امن امان جي صورتحال بهتر آهي

جاويد عالم اوڍو ميڊيا کي ميار ڏني ته هڪ واقعي کي بار بار ڏيکاريو وڃي ٿو، جنهن سان ائين لڳي ٿو ته پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي، اصل ۾ ائين ناهي، پوليس پنهنجو ڪم ڪري پئي ۽ امن به بحال ٿي ويو آهي

هن کي به پڙهندا

منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ڄاڻايل آفيسرز سميت 41 اهلڪار معطل