لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ننڍا ڦل کچي ڳوٺ ۾ بااثرن پاران مبينا طور لوڙهي کي باهه ڏئي سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل ورتا ۽ فائر برگيڊ عملي کي گهرائي باهه تي ضابطو آندو، ان موقعي تي حضور بخش کچي، بخشل کچي ۽ ٻين دانهيو ته ڪجهه بااثر مسلسل لڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هنن الزام لڳايو ته بااثر پوليس اهلڪار شمشاد، قلندر بخش، رجب، صدام، گدا حسين، فدا حسين، محرم، برڪت کچي ۽ ٻين لوڙهي کي باهه ڏئي گهرن ۾ گهڙي 5 لک رپين کان وڌيڪ قيمتي سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو. هنن تدارڪ جي گهر ڪئي.