لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مينهل آباد ڪالوني جي رهواسي نوجوان پنهنجي معصوم نيانين سائره ۽ سويره سان گڏجي پي ٽي آءِ عورت اڳواڻ پاران نوڪرين عيوض ورتل پيسا واپس نه ڪرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ نوجوان علي اصغر بگٽي صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو ته 6 مهينا اڳ پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ سٽي لاڙڪاڻي جي صدر انيلا ابڙو اسان کي چيو هو ته سينيٽر سيف الله ابڙو وٽ نوڪريون آيون آهن، جنهن مون کي مختلف کاتن ۾ 50 کان وڌيڪ نوڪريون ڏنيون آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي به نوڪري گهرجي ٿي ته هو پيسا کڻي اچي نوڪري حاصل ڪري، جڏهن ته پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ سٽي صدر جي اهڙي ڳالهين کان پوءِ اسان ڪجھه بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون وٺڻ لاءِ سندس کي 15 لک روپيا ڏنا هئا، جنهن ۾ هن اسان کي 15 نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، پر هن وقت تائين عورت اڳواڻ نه نوڪريون ڏنيون ويون آهن ۽ نه ئي ورتل رقم واپس ڪئي آهي. هن چيو ته اهڙي درخواست مان پي ٽي آءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر سميع الله ابڙو ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالرئوف ڪورائي کي انصاف هائوس پهچي پڻ ڏني آهي، پر افسوس جو هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته ويتر پيسا گهرڻ تي انيلا ابڙو ۽ سندس مڙس چنگيز ابڙو اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم آهي. هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انيلا ابڙو خلاف ڪاروائي ڪري نوڪرين عيوض ورتل پيسا واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.