ٺري ميرواھ (ن پ ا) ڳوٺ گل حسن سنجراڻي ۾ چئن جوابدارن جاويد سنجراڻي جي گهر ۾ شادي شده عورت فضيلا سنجراڻي سان لڄالٽ ڪوشش ڪئي، دانهن تي جوابدار فرار ٿي ويا،ناري فضيلا سنجراڻي زال جاويد سنجراڻي ٺري ميرواھ ٿاڻي تي پهچي ميڊيا کي ٻڌايو چئن جوابدارن منهنجي مڙس جي غير موجودگي ۾ شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي گهر اندر گهري ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ تشدد ڪيو پر پوليس منهنجو ڪيس داخل نه ٿي ڪري جوابدارن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف عورت جي فرياد تي ميرواھ ٿاڻي تي ٽن سڃاتل غلام مصطفيٰ ويسر، نظام ويسر ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدار خلاف زيادتي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.