مٽياري / اڏيرو لال(نمائندا) اڏيري ويجھو ڪراچي واسي هٿياربندن پاران عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڳوٺ شير محمد ٺوڙها ۾ ڪراچي واسي هٿيار بندن ماجد خاصخيلي جي گهر تي ڪاهه ڪري هوائي فائرنگ ڪئي ۽ عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڙي وارن مداخلت ڪئي ته جوابدارن هوائي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاء پکڙجي ويو، جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، جنهن تي پوليس ناڪابندي ڪندي ٻن جوابدارن کي کيبر قومي شاهراهه تان گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان ٻه پسٽل به هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ شهزاد چوھاڻ ۽ شهروز خاصخيلي طور ڪئي آهي، جيڪي واٽر پمپ ڪراچي جي علائقي جا رهواسي آهن. پوليس موجب آهي جوابدار ۽ ماجد خاصخيلي وارا پاڻ ۾ مائٽ آهن ۽ انهن جو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن سبب ٻنهي جوابدار هنن جي گهر تي ڪاهه ڪئي ۽ مسمات نصرت خاصخيلي کي اغوا جي ڪوشش ڪئي، ياد رهي ته ٻنهي جوابدارن مٿان اڏيرولال وليج ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي محمد ابراهيم خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار اسان کي اغوا ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا. اڄ جوابدارن موقعي جو فائدو وٺي اسان جي گهر اندر گهڙي ناري کي اغوا يا قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس موجب فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتار لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.