ڏهرڪي: پوليس جي مدد ڪندڙ ڳوٺاڻو مارجي ويو

0
242
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ڀرسان ڏوهارين جي حملي دوران هڪ ڳوٺاڻو هاشم سيال گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، ڏوهارين سان مقابلي دوران سي پيڪ ڀرسان ڳوٺ ننڍو ڀٽو جو رهواسي هاشم سيال ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مصري ڀٽو زخمي ٿي پيو، ايس ايس پي عمر طفيل جو چوڻ آهي ته هاشم سيال پوليس جي مدد ۾ ڏوهارين سان وڙهي رهيو هيو ته گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، ڏوهارين جي واردات کي ناڪام بڻايو آھي، ڏوهارين جا ڪجهه ساٿي زخمي ٿيا آھن جن کي ساٿي گڏ کڻي ويا، جيڪي رت وهائيندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا.