لاڙڪاڻو: پروموشن لاءِ غلط انگ اکر جاري ڪرڻ تي ڊي او کي نوٽيس، جواب طلب

0
114
لاڙڪاڻو: پروموشن لاءِ

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) هيڊ ماسترن جي پروموشن لاءِ غلط انگ اکر جاري ڪرڻ تي تعليم کاتي ڊي او سيڪنڊري کي شوڪاز جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو

تعليم کاتي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر اختر ڪوريجو کو نوٽيس ڏئي وضاحت طلب ڪري ورتي، جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته هيڊ ماستر (BS-17) جي خالي پوسٽن کي HST کان هيڊ ماستر (BS-17) ۾ پروموشن لاءِ آگاهه ڪرڻ جي ضرورت هئي

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان ڄاڻي واڻي خالي پوسٽن جو غلط انگ اکر جمع ڪرايو جيڪو حقيقتن کي لڪائڻ جي بنياد آهي

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اختر ڪوريجو بدانتظامي جو مظاهرو ڪيو آهي ٽن ڏينهن اندر وضاحت پيش ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ توهان جي خلاف ڪارڪردگي ۽ نظم و ضبط ضابطن جي رولز تحت ڪارروائي ڪئي ويندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پوري ضلعي ۾ هيڊماستري جون 111 پوسٽون خالي آهن ۽ ضلعي آفيسر رڳو 16 پوسٽون ڏيکاريون، تعليم کاتي جو وڏو انگ هيڊماستر طور پروموٽ ٿيڻ کان رهجي ويو

جڏهن ته ضلعي ايجوڪيشن آفيسر اختر ڪوريجو جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو؛ سيڪريٽري ايجوڪيشن کي ڪنهن مس گائيڊ ڪيو آهي، آءُ پنهنجو جواب داخل ڪرائيندس