لاڙڪاڻو واسي نوجوان فلپائني ناريءَ سان وڊيو ڪال تي نڪاح ڪري ڇڏيو

0
428

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو واسي نوجوان فلپائني ناريءَ سان وڊيو ڪال تي نڪاح ڪري ڇڏيو

 غازي عباس ڪالوني واسي نوجوان اوشاق احمد شيخ فلپائني ناري منوڪا سان ويڊيو ڪال تي نڪاح ڪري ڇڏيو

نڪاح تقريب مقامي هوٽل ۾ ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ نوجوان جي ويجهن مائٽن شرڪت ڪري کيس هار پارايا

نوجوان اوشاق شيخ جو چوڻ هو ته سال کان منوڪا سان انٽرنيٽ تي رابطو هو، جنهن سان اڄ ويڊيو ڪال تي شادي ڪئي آهي

نوجوان ۽ ناري جي وڊيو ڪال تي نڪاح جي خبر ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي آهي ۽ ان تي دلچسپ تصبرا به ٿي رهيا آهن

جڏهن ته ان کان اڳ پسند جي شادي جي سلسلي ۾ ڪجهه مهينن کان ٽي چار خبرون وائرل ٿيل آهن، هڪ ته پاڪستان مان سيما حيدر انڊيا پهچي سچن سان پسند جي شادي ڪئي، ٻيو وري انڊيا مان انجو پاڪسان پهچي نوجوان نصر الله سان پسند شادي ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

سيما حيدر جي ڀارتي صدر کي شهريت جي درخواست: هن کي پاڪستان جي سرحد تائين ڇڏي اينداسين