لاڙڪاڻو: فهميده سيال قتل ڪيس جو روپوش جوابدار شهيد اسراڻ لاڏاڻو ڪري ويو

0
605
فهميده سيال قتل ڪيس

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) فهميدهه سيال قتل ڪيس جو روپوش جوابدار شهيد حسين اسراڻ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جوابدار شهيد اسراڻ  مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو ۽ ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو

شهيد حسين اسراڻ پ پ ايم پي اي گھنور اسراڻ جو والد هو، گذريل سال نومبر مهيني ۾ ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ پلاٽ جي معاملي تان عورت فهميده سيال جي قتل وارو واقعو پيش آيو هو

ھاءِ پروفائيل واقعي جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ آهي، ڪيس ۾ روپوش قرار ڏنل گھنور اسراڻ جي گرفتاري لاءِ عدالت گذريل حاضري تي اخبار ۾ اشتهار به جاري ڪيا هئا

ھي به پڙھندا

اسراڻن عورت کي شهيد ڪري زيادتي ڪئي، پيپلزپارٽي مظلومن سان گڏ آهي: سهيل انور سيال