حيدرآباد: عياد امير ڀنڀرو جي ڳولا جاري، نيوي ٽوٻا طلب

0
205
حيدرآباد: عياد امير ڀنڀرو

حيدرآباد (ن پ ا)  سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو جي پٽ جي ڳولا جاري آهي، عياد امير ڀنڀرو ڪالهه شام ڦليلي واهه ۾ ٽپو ڏنو هو، جنهن جي گهڻي ڳولا باوجود هٿ اچي نه سگهيو

ڊي سي پاران نيوي جا ٽوٻا طلب ڪيا ويا ۽ مقامي ٽوٻن سڄي رات ڳولا جاري رکي، اي سي سٽي اشرف سانگري به ڦليلي واهه تي پهتل آهي