ميان صاحب: نوجوان پر اسرار نموني گم، گهر ۾ اداسي ڇانيل

0
141
ميان صاحب: نوجوان

ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب شھر واسي 25 ورھين جو نوجوان اسامه پٽ عبدالمالڪ دايو ڪالهه صبح کان وٺي لاپتا آهي، جنهن جي گھڻي ڳولا باوجود ڪو پتو نه پئجي سگهيو

نوجوان ڪالهه صبح طبيعت خراب ھجڻ سبب دوا وٺڻ لاءِ شڪارپور ويو ھو، رات ويندي تائين موٽي نه آيو، گھر ڀاتين ۾ روڄ راڙو متل آهي

نوجوان جي وارثن طرفان پوليس انتظاميه کي اطلاع ڏيڻ باوجود نوجوان جو پتو نه پيو ، وارثن طرفان ضلعي انتظاميه کان نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي