لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل نشي جو ڳڙهه بڻجي ويو، قيدين جي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جيل اندر شراب واپرائڻ واري ويڊيو وائرل، لاڳاپيل اختيارين نوٽيس نه ورتو، خبر موجب لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدي سرعام شراب پيئڻ لڳا آهن، جنهن بابت ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ مختلف ڪيسن ۾ جيل ڀوڳيندڙ قيدي شراب واپرائيندي نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته شراب پيئڻ دوران قيدي انچارج جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ زندهه باد جا نعرا پڻ هڻي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته ڪلوڙ صاحب بهترين جيل سپريٽينڊنٽ آهي. هوڏانهن جيل اندر قيدين جي شراب پيئڻ واري ويڊيو وائرل ٿيڻ جو لاڳاپيل اختيارين اڃا تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، ان حوالي سان هتان جي سڄاڻ ڌرين جيل اندر قيدين کي شراب پهچائيندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي.